SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جديديت پڄاڻان يا بعد جديديت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جديديت پڄاڻان يا بعد جديديت

(Post Mordernism)

جديديت پڄاڻان ( Post Modernism) کي جديديت ( Modernism) جو ابتڙ يا ان جو تسلسل يا ان جو عمل يا ان جو رد عمل چئي سگهجي ٿو. هڪڙي حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته Post معنى ان کانپوءِ اچڻ يا ان جو تسلسل يعني ”جديديت“ کي رد ڪد ڏيئي ان جي ابتڙ ڳالهه ڪرڻ. پوسٽ ماڊرنزم جو لفظ زندگيءَ سان واسطيدار هر کيتر سان جڙيل آهي، پوءِ ادب هجي، فنون لطيفه هجي، فئشن، هجي، فلم، ناٽڪ، موسيقي، سماجي وهنوار هجي يا ٽيڪنالاجي هجي. پوسٽ ماڊرنزم بنيادي طور تي هڪ لاڙو آهي. جديديت وارو ادب يا فن جديديت واري اثر هيٺ سرجيل تخليق کي چيو ويندوآهي، جيڪا هڪ هلچل يا تحريڪ هئي، جيڪا يورپ ۾ روشن خياليءَ (Enlightenment) جي نالي سان 18 صديءَ ۾ شروع ٿي .جڏهن ته ’بعد جديديت‘، جديديت جو تسلسل آهي. پر ان جا اصول ۽ متا مختلف آهن. جديديت پڄاڻان جي ادبي نظرئي کي ٺاهڻ ۾ سو سيئر، فوڪو، دريدا، لاڪان، پال دي مان، رولان بارٿ، جوليا ڪريٽيو ۽ ٻين جي فڪر ۽ نظرين جو وڏو ڪردار آهي. ’جديديت پڄاڻان‘، دراصل ’ساختيات ۽ رد ساختيات‘ (Structuralism and Post Structuralism) جي نظرين کان بنيادي استفادو حاصل ڪيو آهي.


Remember Me Also:

ماٽئر

ماٽِئَرُ جمع ماٽِئَرَ

ذ . صفت. (سن. مَرنِڪا= مٽي) مٽيءَ مان ٺاهيل ٿانءُ وڪڻندڙ. مٽن وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal